حاجي مظفر علي شجراع

حاجي مظفر علي شجراع

مظفر علي شجراع حاجي

مظفر علي شجراع ،حاجي: پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ، حاجي مظفر علي شجراع، 28 آگسٽ 1952ع تي شڪارپور ۾ عبدالرزاق خان شجراع جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان بي. اي ڪئي. حاجي مظفر شجراع 1990ع واري ڏهاڪي کان سياسي طور سرگرم رهيو آهي. 1993ع کان 1996ع تائين قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. ويجهي ماضيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي 2008ع وارين چونڊن ۾ ڪراچيءَ جي تڪ PS-129 تان ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. ان عرصي ۾ هو سنڌ ڪابينا ۾ پهريان جيل کاتي جو وزير رهيو، ان بعد کيس ريهيبلٽيشن (بحالي کاتي) جو قلمدان ڏنو ويو. ان کان سواءِ صوبائي صلاحڪار ۽ وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جو ميمبر به رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.08.28  عيسوي

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ، حاجي مظفر علي شجراع، 28 آگسٽ 1952ع تي شڪارپور ۾ عبدالرزاق خان شجراع جي گهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ حبيب الله ماستر
رحمت الله شوق شڪارپوري
ٽهليو ڀڳت
ابن باجه
حفيظ ڪاردار
حيدر هروي
شرجيل انعام ميمڻ
ارسطو
مولانا محمد نصرالله سومراڻي
سمڀا بن ڪرشنا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون